ذوالفقار قادري 5 جنوري
5 جنوري تي 92 سالگره جي موقع تي لکيل جنهن رات آمريڪين ذوالفقار علي ڀٽو کي مارائڻ جو فيصلو ڪيو ذوالفقار قادري ذوالفقار علي ڀٽي جي موت جو فيصلو تہ 10 آگسٽ 1976ع جي ان رات ئي ٿي چڪو هو، جڏهن آمريڪي وزير خارجه ڊاڪٽر هينري ڪسنجر پنهنجي حسين جميل زال نينسي سان گڏ ” گورنر هاؤس “ لاهور جي سبزه زار تي گورنر پنجاب نواب صادق حسين قريشي پاران سندس جي مان ۾ سجايل محفل ۾ موجود هو. اڳئين صف ۾ سٗرور ۾ ويٺل ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ڊاڪٽر هينري ڪسنجر فريده خانم جي " وہ عشق جو ھم سے روٹھہ گیا اب اس کا حال بتائیں کیا " " آج جانے کی ضد نا کرو " " کچھہ عشق تھا کچھہ مجبوری تھی سو ھم نے اپنا جیون وار دیا " جهڙين غزلن تي ڪنڌ پئي لوڏيو. ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي اردو ته سمجهه ۾ نه پئي آئي، پر فريده خانم جي گائيڪي جي انداز ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي ڪنڌ لوڏڻ تي مجبور پئي ڪيو. ان لمحي کلندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر، ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو هو ٖ “Mr. Bhutto, we will run rail road engine over you” تنهن تي ذوالفقار علي ڀُٽي وڏو ٽهڪ ڏيندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي چيو هو ته: “When the time will come,...