ذوالفقار قادري 5 جنوري



5 جنوري تي 92 سالگره جي موقع تي لکيل
جنهن رات آمريڪين ذوالفقار علي ڀٽو کي مارائڻ جو فيصلو ڪيو
ذوالفقار قادري
ذوالفقار علي ڀٽي جي موت جو فيصلو تہ 10 آگسٽ 1976ع جي ان رات ئي ٿي چڪو هو، جڏهن آمريڪي وزير خارجه ڊاڪٽر هينري ڪسنجر پنهنجي حسين جميل زال نينسي سان گڏ ” گورنر هاؤس “ لاهور جي سبزه زار تي گورنر پنجاب نواب صادق حسين قريشي پاران سندس جي مان ۾ سجايل محفل ۾ موجود هو. اڳئين صف ۾ سٗرور ۾ ويٺل ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ڊاڪٽر هينري ڪسنجر فريده خانم جي
" وہ عشق جو ھم سے روٹھہ گیا اب اس کا حال بتائیں کیا " " آج جانے کی ضد نا کرو " " کچھہ عشق تھا کچھہ مجبوری تھی سو ھم نے اپنا جیون وار دیا " جهڙين غزلن تي ڪنڌ پئي لوڏيو. ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي اردو ته سمجهه ۾ نه پئي آئي، پر فريده خانم جي گائيڪي جي انداز ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي ڪنڌ لوڏڻ تي مجبور پئي ڪيو. ان لمحي کلندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر، ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو هو ٖ
“Mr. Bhutto, we will run rail road engine over you”
تنهن تي ذوالفقار علي ڀُٽي وڏو ٽهڪ ڏيندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي چيو هو ته:
“When the time will come, we will see to that also”.
اها رات ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگيءَ جي اهم رات هئي، جڏهن فريده خانم جي راڳ بعد ۽ ڊنر تي وڃڻ کان پهرين ذوالفقار علي ڀٽي تقرير ڪندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي ياد ڏياريو ته “ مسٽر ڪسينجر جنهن هنڌ تي اسين ويٺا آهيون، اهو قلعو اسان جي بادشاهن جو مسڪن رهيو آهي، جتي بادشاهه جي رهائشگاهه به هوندي هئي ته درٻار به لڳندي هئي، مهمانن جون دعوتون به ٿينديون ته خاص قيدي به رکيا ويندا هئا. پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي، ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي ٻڌايو هو ته ڪيئن شهزادو سليم هڪ ڪنيز انارڪليءَ جي عشق ۾ هندستان جي سلطنت ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر هڪ اناپرست شهنشاهه اڪبر پنهنجي وقار ۽ انا خاطر انارڪليءَ کي قلعي جي ديوار اندر بند ڪرائي ڇڏيو. انارڪلي ڪنيز ٿي ڪري شهنشاهه اڪبر جون سڀ مراعاتون عشق خاطر ٺڪرائي مرڻ قبول ڪيو. سو اسان تہ هڪ شاندار تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ آهيون، هڪ ڪنيز پنهنجي محبوب خاطر ايڏي قرباني ڏئي سگهي ٿي ته اسان پنهنجي ديس جي وقار خاطر ڪئين جانيون قربان ڪري ڇڏينداسين. ذوالفقار علي ڀٽي جي تقرير بعد جڏهن ڊاڪٽر هينري ڪسنجر تقرير ڪرڻ آيو ته هن پنهنجي تقرير جو آغاز هنن لفظن سان ڪيو:
Ladies and Gentle men, its my misfortune that I have to speak after Mr. Bhutto, who is the best orator in the world today. He has not only made a speech but he has spoken better English than me.
پوءِ رات دير تائين هينري ڪسنجر ذوالفقار علي ڀٽي کي سمجهائيندو رهيو ته هو ايٽمي پروگرام تان هٿ کڻي وڃي، ان جي بدلي آمريڪا اربين ڊالر امداد، فوجي سهڪار ۽ گهڻو ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر موئن جي دڙي جي مٽي جي خمير مان جڙيل هي ارڏو انسان اٽل ٿي بيهي رهيو. ذوالفقار علي ڀٽي کيس صرف ايترو چيو ته، مسٽر ڪسنجر، توهان آمريڪا جا پهريان اديب وزير خارجه آهيو، پر لڳي ٿو ته اوهان سنڌو سڀيتا جي تاريخ ناهي پڙهي. الينگزيڊر دي گريٽ بہ دنيا کي فتح ڪرڻ جو خواب کڻي يونان مان هليو هو ٖ پر سڪندر جي ان خواب کي اسان سنڌو سڀيتا وارن سانڀيان ٿيڻ نہ ڏنو هيو ٖ ۽ آخر سڪندر اسان وٽان بيمار ۽ مايوس ٿي واپس موٽيو ۽ ان غم ۾ ئي سندس موت واقع ٿيو هو ٖ اسين پنهنجي عزت ٖ وقار ۽ تشخص جي بقا خاطر موت کي قبول ڪري سگهون ٿا پر جهڪي نہ ٿا سگهون ٖ تنهن تي ڊاڪٽر هينري ڪسينجر ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو هو “ مسٽر ڀٽو ! اسين توکي دنيا آڏو عبرت جو مثال بڻائي ڇڏينداسين “ تنهن تي ڀٽي جواب ۾ ڊاڪٽر هينري ڪسينجر کي چيو هو “ مسٽر ڪسينجر اوهان هن وقت اسان جا مهمان آھيو ٖ اسين تڏي تي آيل دشمن کي بہ مان ڏيندا آهيون “ اوهان اهي لفظ آمريڪا ۾ پهچي مون کي چئجو ٖ اوهان کي اوهان جي لفظن جو جواب ملي ويندو “ ذوالفقار علي ڀٽي جي ان جواب بعد ان رات ئي ذوالفقار علي ڀٽي جي موت واري فلم جو اسڪرپٽ لکجڻ شروع ٿي ويو، ۽ پوءِ سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جون هدايتون ملڻ شروع ٿي ويون. پوءِ 5 جولاءِ 1977ع جي اها ڪاري رات آئي، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو آخري پريس ڪانفرنس ڪري ٽي وي سينٽر مان وزير اعظم هائوس پهتو ته کانئس غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز علي ڀٽو، حفيظ پيرزادو، ڪوثر نيازي ۽ غلام مصطفيٰ کر موڪلائي پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽيا ته رات دير سان ذوالفقار علي ڀٽي سان آخري ملاقات پاڪستان ۾ متعين آمريڪي سفير ڪئي. هڪ طرف وزير اعظم ڀٽي ۽ آمريڪي سفير جي ملاقات جاري هئي ته ٻئي طرف سڏ پنڌ تي هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل ضياءُ الحق جي رهائش گاهه آرمي هائوس تي فوج جا ڪور ڪمانڊر، پرنسپل اسٽاف آفيسر ۽ فارميشن آفيسر گڏجڻ شروع ٿي ويا. 5 جولاءِ 1977ع جي فوجي ڪارروائي جو انچارج ڏهين ڪور جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فيض علي چشتي کي بڻايو ويو، ۽ طئي اهو ٿيو ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو مزاحمت ڪري ته شيخ مجيب الرحمان جيان کيس سموري خاندان سميت اڏايو وڃي. فوجي دستن ۽ ٽينڪن سميت وڃي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي حراست ۾ ورتو ، ان سان گڏ ملڪ اندر اسيمبليون ٽوڙي مارشل لا نافذ ڪئي وئي. ۽ پو۽ 4 اپريل 1979ع جي رات ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو 

================================== 
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جمع فقير جي دوستي
ذوالفقار قادري
لاڙڪاڻي جي جهونن کان اڄ بہ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جمعي فقير جي دوستي جا قصا ناهن وسرياٖ جمعو فقير اهو واحد ماڻھو هو جيڪو نہ صرف ذوالفقار علي ڀٽي سان ڀوڳ چرچا ڪندو هو پر هو فقيري گفتن ۾ ڀٽي کي منهن تي تلخ ڳالهيون بہ چئي ويندو هو ٖ جمعو فقير ذات جو سومرو ۽ قمبر تعلقي جي ڳوٺ ڪور سليمان جو ويٺل هو ڪجهہ عرصو ڳوٺ ڏتل ابڙو ۾ بہ رهيو قمبر جي مين روڊ تي پٺاڻ واري مسجد وٽ حجامڪو ڪم بہ ڪيائين ٖ اسان جو گهر قمبر شھر ۾ پٺاڻ مسجد جي ويجهو هوندو هو بابا سائين اڪثر پٺاڻ مسجد وٽ يوسف منگي حجام وٽ وڃي ويهندو هو مون ننڍي هوندي جمع فقير کي پهريون دفعو اتي ئي ڏٺو هو ان سان گڏ مون ننڍي هوندي قرآن شريف جو درس بہ پٺاڻ مسجد جي پيش امام کان حاصل ڪيو سو ذڪر پئي ٿيو جمعي فقير جو جمعو فقير قمبر ڇڏي لاڙڪاڻي لڏي آيو ۽ فقيري رنگ ۾ هليو ويو گداگري ڪري گذر سفر ڪندو هو اڪثر لاڙڪاڻي جي روڊن رستن تي پنهنجي گڏھہ تي نظر ايندو هو جمعي فقير جي زندگي جو اهو معمول بڻجي ويو تہ هو روزانو پنهنجي گڏھہ سميت لاڙڪاڻي جي گوشت مارڪيٽ وڃي سموري مارڪيٽ جي ذبح ٿيل جانورن جي گوشت جا ڇڇڙا ڪٺي ڪري انهن کي پنهنجي گڏھہ جي گودڙين ۾ ڀريندو هو ۽ پو۽ اهي ڇڇڙا لاڙڪاڻي جي رولو ڪتن کي پيو کارائيندو هو لاڙڪاڻي جا رولو ۽ لاوارث ڪتا بہ ساڻس اهڙا هري ويا جو جاڏي جمعو فقير اوڏانهن رولو ڪتن جي لوڌ سندس پويان پئي هلندي هئي رت ۽ ڇڇڙن سبب فقير مان گوشت ۽ رت جي ڌپ کنيو پئي ويندي هئي ورلي ڪو فقير وهنجندو هوندو انهن ڏينهن ۾ اسان ڪجهہ ڪامريڊ ٽائيپ دوست لاڙڪاڻي جي مڇي گوشت مارڪيٽ واري مئہ خاني تي وڃي ويهندا هئا سي سو هڪ ڏينهن مون وڃي جمعي فقير کي چانهہ جو پيالو ڏنو چيائين ابا ڪهڙي خوشي ۾ ٿو ڏين مان چيو مانس فقير امام جي سبيل آ تنهن تي جمعي فقير چانهہ جو پيالو وٺندي چيو ابا امامن سان وري ڪهڙا ليکا پنهنجي ڌن ۾ مگن هن فقير جا گفتا سالڪن وارا ۽ فقيري رنگ ۾ رنگيل هوندا هئا . ذوالفقار علي ڀٽو سان هن جو دوستي وارو تعلق بہ اتفاقي ۽ حادثاتي طور جڙيو ٖ جمعو فقير ڪو پاڻ سيڙجي ڀٽي صاحب ڏي نہ ويو هو پر ڀٽو صاحب اڃا وزيراعظم ڪو نہ بڻيو هو تہ ڀٽي صاحب کي ڪنهن ٻڌايو تہ شھر ۾ گڏھہ تي گهمندڙ ھڪ فقير جا گفتا نہ صرف ٻڌڻ جوڳا آھن پر سبق آموز بہ آھن سو ڀٽي صاحب چيو ان کي المرتضئ هاؤس وٺي اچو جڏھن ماڻھن وڃي جمعي فقير کي چيو تہ توکي ڀٽي صاحب گهرايو آھي تہ فقير صفا چڙي پيو جواب ۾ کين چيائين مان ڪو ڀٽي جو نوڪر آھيان ڇا؟ وڃي ٻڌايوس تہ مان نہ ايندس. ماڻھن وڃي ڀٽي صاحب کي ٻڌايو تہ سائين جمعي فقير اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي سو ڀٽو صاحب اها ڳالهہ ٻڌي پاڻ گاڏي ۾ چڙھي جمعي فقير سان ملڻ لا۽ المرتضئ هاؤس مان نڪتو ان وقت جمعو فقير هاڻوڪي لاڙڪاڻي جي ڪينيڊي مارڪيٽ وٽ پپل جي هڪ وڻ هيٺان پنهنجي گڏھہ کي گاه کارائي رهيو هو ڀٽي صاحب کي ڏسي جمعي فقير ڀٽي صاحب کي چيو “ ڀٽا صاحب ڪيئن ڀلجي پيو آھين “ تنهن تي ڀٽي صاحب کيس ورندي ڏني تہ فقير حاضري ڀرڻ آيو آھيان تنهن تي جمعي فقير کيس ورندي ڏني تہ ابا مان ڪهڙو ماستر آھيان جو حاضري ڀرڻ آيو آھين ٖ ڀٽي صاحب چيس تہ ڀلا دوستي رکون جمعي فقير چيس ڀٽا صاحب دوستي رکڻ سولي آ پر نڀائڻ ڏکي آ تنهن تي ڀٽي صاحب چيس ڀلا دوستي رکي ڏس پو۽ بہ مرضي جو مالڪ آھين تنهن تي وڻ ھيٺان گڏھہ سميت ويٺل جمعي فقير ڀٽي کي ورندي ڏني تہ ڀٽا صاحب تڏي تي لنگهي آيو آھين توکي موٽايان نہ ٿو اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي روڊن ۽ رستن تي گداگري ڪندڙ جمعي فقير ۽ ڀٽي صاحب جي پاڻ ۾ دوستي جڙي ٖ جمعي فقير جي گفتن ۾ کل ڀوڳ مزاح سان گڏ سبق آموز درس بہ هوندا هئا هڪ دفعي جمعي فقير هڪ ٻروچ کان خيرات گهري جنهن کيس پنج روپيہ ڏنا خيرات وٺي جمعي فقير آسمان ڏي نهاري چيو معنئ تہ الله سائين ٻروچ بہ توکان ڊڄن ٿاٖ هڪ دفعي ڊگري ڪاليج جا شاگرد موڪل ۾ ڪاليج کان واپس پئي آيا تہ رستي ۾ جمعي فقير کي ڏسي کيس چيائون جمعہ زال جو نالو تہ ٻڌا۽ تنهن تي جمعي فقير کين چيو ابا وضو ٿيل ناهي تنهن تي شاگردن چيس تہ فقير زال جي نالي جو تعلق وري وضو سان ڪهڙو؟ تنهن تي فقير ورندي ڏنن تہ ابا زالون آھن پاڪ ٖ سو پاڪن جا نالا وضو بغير ناهن وٺبا ٖ ڀٽو صاحب وزيراعظم بڻجي ويو تہ جمعي فقير سان مليو ۽ کيس چيائين جمعا فقير دعا تہ ڪر ٖ تنهن تي جمعي فقير چيس ڀٽا صاحب لڳي ٿو وزيراعظم ٿيڻ تي خوش نہ آھين ڀلا هاڻي هڪڙو ڪم ٿا ڪيون تون مون وارو گڏھہ سنڀال ۽ جمعو ٿي وڃ ۽ مان وري ڀٽو ٿو بڻجان تنهن تي ڀٽي صاحب چيس منظور آھي مونکي ڏي پنهنجو گڏھہ ان موقعي تي ڪافي وزير مشير ۽ اعلئ سرڪاري عملدار بہ موجود هئا جمعي فقير چيس نہ ابا مان پنهنجو گڏھہ ڪونہ ڏيندس ڀٽا صاحب اڳ ۾ ئي تو وٽ جام گڏھہ آهن پهرين انهن کي تہ سنڀال سندس اهڙي جواب تي ڀٽي صاحب کلي ڏنو ۽ اتي موجود وزيرن ۽ ڪامورن جا منهن لهي ويا ڀٽو صاحب وزيراعظم ٿيڻ بعد جڏھن بہ لاڙڪاڻي آيو تہ ڪوشش ڪري جمع فقير سان ڪجهہ لمحا ئي سهي پرڪچهري ڪندو هو جمعي فقير جو ڪو مستقل ٺڪاڻو ڪونہ هو ڪڏھن لاهوري محلي ۾ تہ ڪڏھن ڪٿيٖ آخري ڏينهن ۾ جمعي فقير جو ٺڪاڻو قبرستان ۾ ٺھيل هڪ جهوپڙي هئي ڀٽي صاحب هڪ دفعي جمعي فقير کي چيو توکي گهر ٺھرائي ڏيان تنهن تي فقير ڄڻ چڙي پيو ۽ چيائينس ٻيهر چيو اٿئي تہ پو۽ ڀٽا صاحب پاڻ واري ياري ختم ٖ هڪ دفعي جي ڳالهہ آ ڀٽو صاحب موهن جو دڙو ايئر پورٽ تي لٿو تہ چيائين جمع فقير سان ملبو پوليس پروٽوڪول اهو روٽ ورتو جيڪو امڪانن جمعي فقير جو دڳ هو آخر جمعو فقير باقراڻي روڊ تي نظر اچي ويو ڀٽو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين اڄ رات جي ماني مون سان گڏ کائيندؤ جمعي فقير چيس هڪ شرط تي گڏ ماني کائبي تہ ان دعوت تي اسان ٻنهي کان سوا۽ ٻيو ڪو بہ نہ هوندو تنهن تي ڀٽي صاحب پڇيس تہ ڀلا ايئن ڇو تنهن تي جمعي فقير چيس تہ ڀٽا صاحب تون پاڻ سان جيڪي اڪثر ماڻھو کنيو ٿو وتين اهي آھن بد فضيلتا سو مال سڄو اهي کائي ويندا اسان کي هڏا بہ نہ ڦٻندا ڀٽو صاحب سندس ڳالهہ تي ڏاڍو کليو چيائين فقير تنهنجي ڳالهہ منظور آ هي ٖ وري جمعي فقير چيس ڀٽا صاحب هڪ ٻيو شرط بہ آھي تون مان ويٺا طعام کاؤن ۽ مون وارو گڏھہ ويچارو بک تي هجي اها بي واجبي آهي سو اهو بہ دعوت تي ايندو ڀٽي صاحب چيو اهو بہ منظور آھي دعوت جي ٽائيم کان اڳ ئي ڀٽي صاحب ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو خالد احمد کرل ۽ ايس پي محمد پنڃل جوڻيجو کي پابند ڪيو تہ فقير کي المرتضئ هاؤس وٺي اچجو ( واضع رهي تہ انهن ڏينهن ۾ المرتضئ هاؤس وزيراعظم جي رهائش گاه قرار ڏنل هو ) سو رات جي ماني وقت لاڙڪاڻي جي ايس - پي محمد پنڃل جوڻيجو ٖ ان وقت جي ڊي ايس پي عنايت الله شاهاڻي کي چيو تہ جمعي فقير کي ڳولهي پروٽوڪول ۾ المرتضئ هاؤس وٺي اچو انتظاميہ جو پروٽوڪول جڏھن جمعي فقير وٽ پهتو تہ فقير انتظاميہ کي کتو جواب ڏنو تہ مون سان گڏ وزيراعظم جي دعوت تي منهنجو گڏھہ بہ هلندو ٻي صورت ۾ مان ڪونہ هلندس انتظاميہ ۽ پروٽوڪول وارا اچي ڦاٿا آخر مسئلو ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ويو جنهن تي ڀٽي صاحب انتظاميہ کي چيو جيئن جمعو فقير چوي تيئن ڪيو آخر جمعو فقير پنهنجي گڏھہ سميت المرتضئ هاؤس پهتو سو نہ صرف جمعي فقير پاڻ ماني کاڌي بلڪہ المرتضئ هاؤس ۾ پنهنجي گڏھہ کي بہ جام گاهہ جي دعوت کارايائين ٖ لاڙڪاڻي جي هن الله لوڪ فقير 90ع ۾ وفات ڪئي

============================================== 
بينظير جو قتل ۽ وارثن کان سوال
ذوالفقار قادري
27 ڊسمبر 2007ع تي آخر مورن جهڙي مائي راولپنڊي جي خوني باغ ۾ مارجي وئي ٖ بينظير تي هي ڪو پهريون حملو نہ هو ضياء آمر جي دؤر ۾ لاهور ۾ مسز نادرہ خاڪواني جي گهر ترسيل هئي تہ اوچتو بينظير ڀٽو پنهنجي ڪمري مان نڪري بغير ٻڌائڻ جي پنهنجي سهيلي سميعہ وحيد جي گهر هلي وئي سندس وڃڻ بعد فورن هڪ ماڻھو پسٽل سميت مسز خاڪواني جي گهر داخل ٿي بينظير ڀٽو جي مخصوص ڪيل ڪمري ڏانهن ڊوڙيو ۽ گهر ۾ بينظير ڀٽو کي نہ ڏسي رڙيون ڪندو رهيو تہ ڪٿي آھي بينظير ڪاڏي وئي بينظير ان بعد وري هڪ دفعي بينظير صاحبہ جو المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي کان روڊ رستي ڪراچي وڃڻ جو پروگرام هو پر عين وقت تي بينظير ڀٽو صاحبہ پنهنجي ۽ اسٽاف جي گاڏين کي ڪراچي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ گاڏي تبديل ڪري ٻئي رستي سان رواني ٿي وئي سندس خالي روانو ڪيل گاڏيون انڊس ها۽ وي تي جڏھن سن وٽ پهتيون تہ ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي انهن گاڏين کي روڪي ورتو ۽ اسٽاف جي ماڻھن کي اغوا ڪري ٻيلي ڏانهن کڻي ويا ٻيلي ۾ پهچي جڏھن ڌاڙيلن اسٽاف وارن کان پڇيو تہ اسٽاف وارن ڌاڙيلن کي ٻڌايو تہ اسين بينظير صاحبہ جو اسٽاف آھيون ۽ ھي گاڏيون بينظير جون آھن تہ ڌاڙيلن اسٽاف کي اهو چئي آزاد ڪيو تہ اسان کي تہ ٻڌايو ويو هو تہ ڪي غير ملڪي گاڏين ۾ اچن پيا ڪامياب واردات جي نتيجي ۾ وڏو مال ملندو اسان ان ارادي سان آيل هئاسين ۽ ان وقعي کان پو۽ جلد ئي قانون نافذ ڪندڙ ادارن “ سن “ شھر ۾ هڪ وڏو آپريشن ڪري نالي واري ڌاڙيل بقادار شاه ۽ سندس ساٿين کي ماري ڇڏيو آڪٽوبر ۾ بينظير ڀٽو جڏھن طويل جلاوطني ختم ڪري واپس وطن وري هئي تہ هو اها ساڳئي بينظير نہ هئي هن دفعي هو تبديل هئي هو ڪوئيٽہ وئي ۽ نواب اڪبر بگٽي جي شهادت تي سندس وارثن سان ملي تعزيت ڪندي ورجايائين تہ اڪبر بگٽي جي قاتلن کي ڪٽھڙي ۾ آڻبو جڏھن کيس مير بالاڇ مري جي شھادت جي خبر پئي تہ هو روڪڻ باوجود فوري نواب خير بخش مري وٽ وڃي پهتي ۽ مير بالاڇ مري جي شھادت تي رني سائين جي ايم سيد سميت سنڌ جا اڪثر قومپرست جيڪي سندس پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس دور اقتدار ۾ جيلن ۽ نظر بندين ۾ رهيا هن دفعي جلاوطني مان بينظير ڀٽو صاحبہ بشير خان قريشي ٖ عبدالواحد آريسر ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومپرستن جي گرفتارين جي کليل مذمت ڪندي رهي هن وٽ هن دفعي ڪي خواب هئا پر اهي سڀ خواب راولپنڊي جي خوني لياقت باغ ۾ قتل ڪيا ويا پاڪستان جي ملٽري ايسٽيبلشمنٽ واري هن شهر ۾ رڳو سازشن جنم پئي ورتو آھي هي اهو شهر آھي جتي ملڪ جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي گولي هڻي ماريو ويو هو پر سندس قاتل نامعلوم رهيا راولپنڊي اهو شھر جتي بينظير جي پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو کي رات جي اونڌائي ۾ ڦاهي ڏئي اگهاڙي لاش جا فوٽو ڪڍي آمر جنرل ضياء ڏانهن ڀٽي جي مسلماني ۽ طوهر جي تصديق لا۽ روانا ڪيا ويا بينظير ڀٽو جي خون جي عيوض جيڪا حڪومت پ پ جي حوالي ڪئي وئي وفاق ۾ پنج سال پ پ سرڪار رهي صدر مملڪت آصف علي زرداري ٖ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف رهيا پر بينظير ڀٽو جو قتل ڪيس نڌڻڪو رهيو بينظير ڀٽو جي قتل بابت آمر جنرل پرويز مشرف جيڪو موقف اختيار ڪيو هو ته بينظير کي بيت الله محسود وارن قتل ڪيو اهو ساڳيو موقف زرداري صاحب جي سرڪار جو رهيو بينظير ڀٽو جي قانوني وارثن مان ڪو بہ سندس خون جو فريادي نہ ٿيو آخر راولپنڊي جي دهشت گردي جي انت واري عدالت بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي تمام جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو صرف ٻن پوليس آفيسرن کي غفلت ڪرڻ جي ڏوهہ هيٺ سزائون ٻڌايون جڏھن بينظير ڀٽو قتل ڪيس هلي رهيو هو تہ مان ڪنهن ڪم سانگي اسلام آباد ويو هيس تہ هڪ ڏينهن راولپنڊي جي دهشت گردي جي انت واري عدالت ڏسڻ ويو هيس جتي بينظير صاحبہ جي خون جو ڪيس هلي رهيو هو ٖ مون عدالت جي هڪ جهوني رڪارڊ ڪيپر سان دعا سلام ڪئي کيس ٻڌايم تہ لاڙڪاڻي مان راولپنڊي اسلام آباد گهمڻ آيو آھيان ٖ چيائين “ بھٹو دے پنڈ چوں آئے ہو “ مون هاؤڪار ڪئي چيائين منهنجو پيءٗ 71ع واري جنگ ۾ جنگي قيدي ٿيو هو اندرا گانڌي جي جنگي قيدين تي ڪيس هلائڻ واري اعلان بعد اسان تہ سندس واپسي جي اميد ئي لاهي ڇڏي هئي پر ڀٽو صاحب جو اهو احسان آھي جو جنگي قيدي واپس موٽيا “ مون کانئس جڏھن بينظير ڀٽو صاحبہ جي قتل ڪيس بابت پڇيو تہ سندس اکيون ڀرجي آيون ۽ چيائين جڏھن کان هي عدالت قائم ٿي آھي مان سالن کان هن ڪورٽ جو رڪارڊ ڪيپر آھيان پر مون هن وقت تائين اهڙو لاوارث ۽ نڌڻڪو ڪيس ناهي ڏٺو ٖ هن ٻاهر بينچن تي ويٺل هڪ ٻڍڙي مائي جي طرف اشارو ڪندي مون کي ٻڌايو تہ اها مائي پنڊ دادن خان جي آھي ٖ هن جو پٽ قتل ڪيو ويو هو هن ڪراڙي عورت پنهنجي پٽ جي خون جو ڪيس ڀڄي ڊڪي هن ڪورٽ منتقل ڪرايو هاڻي هر حاضري تي ماني هڙ ۾ ٻڌي ڳوٺان ايندي آھي ٖ هن رازداري ۾ مون کي چيو اوهان منهنجي روم ۾ اچو اوهان کي بينظير جي خون جو فائيل ڏيکاريان ٖ ڪيس جو فائيل پڙھي ڏک ٿيو بينظير ڀٽو جهڙي معتبر سورمي جي قتل ڪيس ۾ سندس وارثن مان ڪو بہ فريادي ڪونهي ٖ اصولن وارثن مان مڙس آصف علي زرداري ٖ پٽ بلاول ٖ ڌيئر بختاور ٖ آصفہ يا سرڪار جا مزا ماڻيندڙ سنڌ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪياڻي بڻيل سندس نڻان فريال ٽالپر صاحبہ تائين ڪو فريادي ڪونهي ٖ بينظير جي خون جي ايف آ۽ آر سرڪار جي مدعيت ۾ ايئن داخل آھي جيئن ڪنهن لاوارث مليل لاش جي ڪيس ۾ سرڪار پاران ٿاڻي جو ايس ايڇ او يا اي ايس آ۽ فريادي ٿي ڪيس داخل ڪندو آھي تيئن ئي بينظير جو ڪيس بہ راولپنڊي جي ان ٿاڻي جي هڪ اهلڪار جي مدعيت ۾ داخل ٿيل آھي ٖ جنهن ٿاڻي جي حد ۾ بينظير صاحبہ جي شھادت وارو واقعو پيش آيو هو جيڪڏھن ڏسجي تہ بينظير ڀٽو جڏهن طويل جلاوطني ختم ڪري وطن واپس وري هئي ته لکين ماڻهن جو سمنڊ اٿلي ٿو پوي ۽ بينظير ڀٽو کي خوفزده ڪرڻ لاءِ 18 آڪٽوبر ڪارساز سانحو پيش اچي ٿو، پر بينظير ڀٽو خوفزده ٿيڻ بجاءِ ٻئي ڏينهن شهيدن جي گهرن ۽ زخمين جي عيادت لاءِ نڪري ٿي پوي. 18 آڪٽوبر سانحي بعد هن پنهنجي اماڻيل خطن ۽ مارڪ سيگل کي لکيل اي ميلز ۾ اهو چئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿي وڃي ته ان جا ذميوار جنرل پرويز مشرف، چوڌري پرويز الاهي، انٽيليجنس بيورو آف پاڪستان جو تڏهوڪو ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر (رٽائرڊ) اعجاز شاهه جيڪو هاڻي عمران خان سرڪار ۾ وزير داخلا آھي، تڏهوڪو نيب ڊپٽي چيئرمين حسن وسيم افضل هوندا. 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ ۾ محترمه بينظير ڀٽو تي ٿيل خوني حملي ۽ شهادت بعد مشرف سرڪار جي وزارت داخلا جي ڪرائسس مئنيجمينٽ سيل جي سربراهه برگيڊيئر اقبال چيمه ان وقت جي وزيرداخلا ليفٽننٽ جنرل حامد نواز جي چوڻ تي فورن جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي، پهرين ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو ذميوار گاڏي جي سن روف ليور کي قرار ڏنو، بعد ۾ برگيڊيئر صاحب موقف تبديل ڪندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو تي تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه بيت الله محسود جي حڪم تي آپگهاتي بمبارن حملو ڪيو ۽ پوءِ ڪجهه وقت بعد مشرف سرڪار موقف اختيار ڪيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي قتل ڪندڙ ڪجهه جوابدار گرفتار ڪيا آهن ۽ ڪجهه مارجي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيل جوابدارن تي راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري ڪورٽ ۾ ڪيس پيو هلي. ان بعد پنج سال پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف رهيا ٖ بلاول جي پيءُ پنهنجي مورن جهڙي زال جي خون لا۽ ڇا ڪيو بينظير سنڌ هئي، بينظير ڀٽائي جي سورمين جو روپ هئي، سنڌين جي نياڻي ۽ خوابن جي ساڀيان هئي، هتي ته ڌاڙيلن جي خونن جا به جرڳا ٿا ٿين، بينظير جو خون ائين رائيگان ٿي ويو . ڪنهن به مقتول/ مقتولا جي آخري بيان ۽ خط کي ايف آءِ آر جو حصو سمجهيو ويندو آهي، بينظير ڀٽو صاحبه جا آخري لکيل خط ۽ مارڪ سيگل کي موڪليل اي ميلز کي ايف آءِ آر جو حصو ڇو نه بڻايو ويو؟ بلاول کي پنهنجي ماءٗ جي خون ۾ انصاف نہ ملڻ وارو سوال پنج سال اقتدار ۾ رهندڙ پ پ پ جي قيادت کان پڇڻ کپندو هو  ٖ

Comments

Popular posts from this blog

BHUTTO'S FATEFUL MOMENT - hanging

Agha Siraj Durrani

پاکستانی لوک فنکارہ اللہ وسائی