EVENTS FROM SINDH HISTORY 8th April
EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th April) By: Dr. Dur Muhammad Pathan ** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ماسٽر تارا سنگهه جي صدارت ۾ ڪوٺايل ”دي سينٽرل سک ليگ“ جي اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ سکن جي ڀلائي ۽ نمائندگي خاطر پنجاب جي مسلم اڪثريت وارن ضلعن کي صوبي سرحد سان ملائي اسان کي الڳ صوبو ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ پنجاب جي صوبائي حڪومت بدران صوبي کي ان وقت تائين مرڪز حوالي ڪيو وڃي، جيستائين اقليتن جا مطالبا سمجهي ۽ مڃي سگهجن. ** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي باغي سياستدان سڀاش چندر بوس کي ممبئي جي هوائي اڏي تي جهاز مان لهندي ئي گرفتار ڪيو ويو. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت 30 ملين رپين جي موڙيءَ سان پناهگيرن جي مالي سهائتا ۽ آبادڪاري لاءِ فنڊ جوڙيو ۽ ان لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو. **1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام اسرائيل طرفان شام خلاف ڪيل اڳرائي ۽ حملي جي مذمت ڪئي، اسرائيلي جارحيت خلاف وڏن شهرن ۾ جلوس ڪڍيا ويا. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته اوڀر ۽ اولهه پاڪستان لاءِ مقرر ڪيل مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ساڳي ئي وقت تي ٻنهي صوبن ۾ گورنرن طور به...